M. Ismail Registani Rahmoon Recites his own poetry

Поділитися
Вставка
  • Опубліковано 26 жов 2024
  • محمد اسماعيل ريگستانيءَ لاءِ ڊاڪٽر الطاف جوکيي صاحب لکيو آهي:
    جنوري 26، 2018 تي ٽنڊي باگي، سائين ضرار رستماڻيءَ جي پٽ حق نواز رستماڻيءَ جي شاديءَ ۾ وڃڻ ٿيو... مختصر ڪچهري پڻ رکيل هئي، ان ۾ جناب محمد اسماعيل ريگستاني راهمونءَ سان پڻ ڪچهري ٿي، سندس عمر 73 سال هئي... لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جو ته پورو حافظ ۽ شارح هيو، ان کان علاوه ڪمال جو حافظو ۽ حاضر جوابيءَ تي ملڪو، ڪو کيس رڳو ڀوڳ ته هڻي ڏيکاري، ڀوڳن ۾ به زور، هند سنڌ جي تاريخ جا واقعا به سيني ۾ سمايل، وري جڏهن سنڌي ۽ اردو اکر ڏٺامانس ته اهي به ڪمال جا... اچرج تڏهن ورتو، جڏهن تيزيءَ سان ابتا سنڌي اکر لکي ڏيکاريائين، جيڪي پني جي پٺ تان، ڪنهن روشنيءَ ۾ آسانيءَ سان پڙهڻ ۾ ٿي آيا...
    بهرحال ماڻهو مسڪين پر گهڻ پاسائون ۽ خوددار ماڻهو……

КОМЕНТАРІ •