يڪجهتي ڪونسل سنڌ جا اڳواڻ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي

Поділитися
Вставка
  • Опубліковано 20 сер 2024
  • ڪراچي()پاڪستان يڪجهتي ڪونسل سنڌ جا اڳواڻن علامه عبدالخالق فريدي، پروفيسر معراج احمد صديقي ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته
    اسانجي پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو مقصد اعلي عدالتن تائين پنهنجو آواز پهچائڻ آهي، هنن چيو ته سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت 12 جولائي واري فيصلي تي انتهائي حيرت ٿي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ ان فيصلي کي واپس وٺي، اهو فيصلو غير آئيني ۽ غير قانوني آهي،
    جنهن پارٽي اليڪشن ۾ حصو نه ورتو ان جي لاءِ فيصلو ڏيڻ حيرت جهڙي ڳالھ آھي، ان پارٽي جي اميدوارن آزاد اميدوارن طور اليڪشن ۾ حصو ورتو
    اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ڪير درخواست به جمع نه ڪرائي ۽ ان جي لاءِ فيصلو جاري ڪيو وڃي
    سڄي دنيا ۾ ان فيصلي کي قانون سان مذاق سمجهيو پيو وڃي
    سپريم ڪورٽ ان فيصلي کي واپس وٺي عوام کان ريفرينڊم ڪرائي

КОМЕНТАРІ • 1