Cafe Saqafat | An Evening with Ustad Abdullah Khan | 24-12-2020
Вставка
- Опубліковано 7 лют 2025
- #SindhCulture #SindhiMusic #Sindh #CultureDepartmentSindh
Department of Culture, Tourism & Antiquities, Government of Sindh has aimed to promote Sindh’s heritage, culture & Sindhi music around the globe. This video is series of preserving, promoting and online public accessing. Where whole world can listen and watch the departmental activities. We are looking forward to your feedback.
For more info please visit our official websites: sindhculture.go...
antiquities.si...
www.stdc.gos.pk
excellent work and efforts by Sindh Culture Department to initiate Cafe Saqafat to patronize Sindhi music culture heritage, both the vocal and instrumental music. The patronage of music art heritage in Sindh carries forward the idea of artistic action to cultivate the pluralist secular societal ethos and identity.
Very sweet behtreen
Khansahib and legend naseer sahib
شاندار پروگرام پيش ڪيو ويو!
منهنجي نظر ۾ پروگرام جو مُکُ پاسو اُستاد عبدالله خان جي ذاتي زندگي بابت هو. ڇاڪاڻ جو اڪثرفنڪارَ پنهنجن پيارن جي باري ۾ تمام حساس هوندا هن. جيڪا سندن سگھ پڻ هوندي آهي. پر، بدقسمتيءَ سان ههڙو نفيس پاسو، اسان جي پابند يا لڄاري ماحول جي ڪري دٻيل رهيو آهي. جنهنڪري، خاص طورَ مرد کُلڻ يا اوپن ٿيڻ ۾ گھٻراهٽ محسوس ڪن ٿا. ان جو، اسان کي نقصان هي ٿيو آهي جو اسان جا ڪَنَ اهڙين ڳالهين ٻُڌڻ کان محروم ڪيا ويا آهن. اها روش گھڻو ڪري عربن جي ڪاھ کان پوءِ نازل ٿي. جيڪا اڃان پئي صدين کان سنڌ تي راڄُ ڪري. ۽ هيل تائين سماج کي جيڪو ڇيهو پهچائي چُڪي آهي. جو سماجَ جون گھڻيون سڀاجھيون ۽ صدوريون عورتون ڪنهن به ڳڻپَ ۾ شمار نه ٿيون ڪيون وڃن. پر جي هڪ دفعو اسان هن خودفريبي مان نڪتاسين ته اسان ڪنهن به باتهذيب معاشرن کان گهٽ نه ليکيا وينداسين. جيڪي هر چڱائيءَ کي عام اڳيان اظهاريندي فخرُ محسوس ٿا ڪن. اسان جڏهن دُڪو داخل ڪندا وينداسين ته يقينن اسان ٻي طرح محسوس به ڪنداسين.
جهڙي نموني اوچتو...”جي سائين!!!“ ڪندي، اُستاد عبدالله خان کان رڙ نڪري وئي. اهڙي طرح مونکان به بي ساخته کل نڪتي. جو اسان جا ڪن عادي ئي نا هن ته ڪو غيرمردُ سر عام ڪنهن مرد جي ذاتي زندگيءَ ۾ جھاتي پائيندي سندس هُجري ۾ داخل ٿئي. ههڙي روش سنڌي سماج ۾ ڪنهن قدر اخلاق کان ٻاهر سمجھي ٿي وڃي. پر، جهڙي نموني اُستاد، پنهنجي ماءُ ۽ زال بابت ٿي ڳالهايو سو يقينن خوشگوار ۽ انٽرٽيننگ هو. جيڪو هڪ فنڪار جو قيمتي اثاثو پڻُ آهي جنهن کي ريڪارڊ تي اچڻ کپي. جيتوڻيڪ، هي معاملو حساس سمجھيو ٿو وڃي ۽ يقينن هن کي ٽيڪل ڪرڻ به ايڏو سولوناهي. انڪري پروگرام دوران استاد کي گھريلو زندگي بابت ڳالهائيندي شروع ۾ ڪجھ ڏکيو لڳو. پر، موسيقار کان وڌيڪ مُهڙِ ۾، نصير مرزا سوال ڪندي ٿي هٻڪيو. پر نصير، پنهنجي سوئيٽ ۽ ٻاجھاري اندازِ گفتگو جي ڪري مينيج ڪري ويو. جو کيس ڀاڄائي ڀاڄائي ڪندي ذاتي زندگيءَ ۾ گھڙندو ويو. جيتوڻيڪ، لفظ ”ڀاڄائي“ ڪوٺڻ اجايو هو پر، فنڪار جي حساس رڳن کي ڇُهڻ ڪاڻ ريشمي رومالَ جي ضرورت پئي. هروڀرون به اجايون اخلاقي پوشاڪون پائڻيون پون ٿيون. سو، نصير جي اهڙي ڏانءَ ۽ جرئت کي دلي طور تي ساراهڻ گھرجي. رڳو ڍنگ کپي ۽ اهڙو ڍنگ نصير ۾ جھجھو موجود آهي. نصير، توهان جو اهيو وڙ هتي مون پنهنجن واقفڪارن سان دل کولي ونڊيوآهي. يقين ڪريو ته: مشهور ۽ سگھارين شخصيتن جي ذاتي زندگين کي اٿلائڻ وارو پاسو وڏو لاڀائتو هجي ٿو. جيڪو ڪي پائدار ۽ ويساھ ڀريا نتيجا سامهون آڻيندو. جيڪا عورتَ ڪنهن فنڪار جي بي لوثُ خدمت ڪري. اُنَ عورت ايترو ته لهڻُو جو سندس واکاڻ سندس ئي گھر ڀاتيءَ وسيلي عام اڳيان اچي. موسيقار جي زال پروين بيگم کي ڪيتري نه سرهائي ٿي هوندي. جڏهن سندس نالو سندس ڪنن سان ٽڪرايو هوندو. مان ڀانيان ٿي ته ٻين ٻُڌندڙ عورتن کي پڻ سٺو لڳو هوندو. شروع ۾ متان بورنگ يا اجايو لڳي. پر، ههڙي بنيادي کوٽ کي ڀرڻ سان يقينن پروگرام جا آڊيئنس به وڌندا.
سماج يقينن تيزيءَ سان انفراديت جو قائل ٿيندو ٿو وڃي. پر، ساڃاھ ۽ بچاءُ جا ذريعه خود انفراديت ۾ کُتل هجن ٿا. جنهن جي شناسائي بي باڪيءَ سان ڪو فنڪار ئي ڪري سگھي ٿو. ان حوالي سان مون کي لڳي ٿو ته: عالمي ادب کيتر ۾ چائنا جي ليکڪ ”يُنگُ چانگ“ گهريلو زندگيءَ کي تاريخ سان ڳنڍي پنهنجي ورثي کي ڪيئن فخريا انداز سان قلم بند ڪندي دنيا کي حيران ڪري وڌو آهي. مان ڀايان ٿي ته: سنڌين جي گھريلو ورثي کي ڪجھ ههڙي نموني به بچائي سگھجي ٿو.
_ نصير، مان توهان جي ذريعي سنڌ ثقافت کاتي تائين پنهنجا خيال شيئر ڪرڻ ٿي چاهيان ته: اسان وٽ اديبن، موسيقارن ۽ ڳائڪن جي کوٽ ناهي. سگھاري فن کي پنهنجن نون سکندڙن تائين پهچائڻ لاءِ ڪلچر پئدا ڪيو وڃي. ان لاءِ گنڀيرتا سان سوچيو ۽ ڪجھ ڪيو وڃي.
مان مغربي دنيا ۾ رهان ٿي هي مُلڪَ دولت کان وڌيڪ پنهنجي فن کي فري ۾ ورهائڻ ۾ شاهوڪار ۽ سخي هن. هتي وانگارين يا والنٽيئرنگ جو وڏو ڪلچر آهي جيڪي چيريٽبل (خيراتي) ادارن جي ذريعي پنهنجي فن جو فري ۾ نظرانو پيش ڪندا رهن ٿا. سيکڙاٽن کي پوري لڳن ۽ ڊيڊيڪيشن سان پنهنجو فن منتقل ڪندي اصل فخر محسوس ڪن ٿا. مان سمجھان ٿي ته اسان جا عوامي فنڪار به ڏاڍا صوفي منش ۽ سخي دل هن. جي هڪ هڪ فنڪار سال ۾ رڳو ڏه ڏينهن پنهنجو وقت ههڙي ڪم کي سونپي ته جيڪر وڏي تبديلي اچي سگھي ٿي. ان لاءِ رڳو رٿابندي ۽ اونرشپ کپي. جي فري فنڊ ۾ آرٽس ڪائونسل جي سهڪار سان هر شهر ۾ سيکڙاٽن يا نيم سيکڙاٽن لاءِ فن جي سکيا جا فري سيشن منعقد ڪيا وڃن ته بهتر ٿيندو. جيڪڏهن اسان جي ڪنهن به سگھاري فنڪار کان سال ۾ رڳو ڏه ڏينهن جو فري ۾ والنٽيئر طور سيشنس يا ڪلاس رٿيا وڃن جتي نون سکندڙن کي پنهنجي پسند جي فن جي ٿوري ٿوري ڄاڻ مختلف ذريعن سان فري ۾ ملندي رهي ته: اهڙي طرح سماج مان ويڳاڻپ يا رڳو سرڪار تي ڀاڙڻ واري علت کي به گھٽائي سگھجي ٿو. زبيده ميتلوـ فرام لنڊن...
Last performance was originally played By Khansahb Mehdi Hassan; Indeed Abdullah Sahb had at least tried to do justice with that rendition which should be appreciated too. But the way Khansahb had played, he made it immortal. What a Meticulous composition it is. A lot of respect.
Great efforts 👍
lajawab bahut khoob soorat
لاجواب
58:02 very subtle point to turn from 4th to 6th octave.
عبداﷲ خان سنڌ جو بسمﷲخان چئجي ڪو وڌا ڪون ٿيندو.
Sahito knows nothing about Musicology so why he is making scenario irritating? Invite those people who at least are mentors of their exclusive subjects.