سکر مان اغوا ٿيل ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪراچي ۾ احتجاجي مظاھرو

Поділитися
Вставка
  • Опубліковано 20 сер 2024
  • ڪراچي پريس ڪلب
    ڪراچي پريس ڪلب آڏو پريا ڪماري بازيابي ڪميٽي پاران سکر لڳ سنگرار شهر مان 3 سال اڳ اغوا ٿيل نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو
    احتجاجي ڌرڻي جي اڳواڻي لياقت جلباڻي،سهڻي پارس،مهيش ڪمار ۽ ٻين ڪئي
    احتجاجي مظاهري ۾ سول سوسائٽي جي نمائندن، شاعرن اديبن، صحافين ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي.
    احتجاج ڪندڙن پريا ڪماري جون تصويرون هٿن ۾ کڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ نعريبازي ڪئي.
    احتجاجي مظاھري ۾ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پريا ڪماري جي جوڙيل جي آئي ٽي صرف ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائي رھي آھي صرف دلاسا ڏيندي رھي ٿي.
    احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد معصوم نياڻي پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجن جو دائرو وڌايو ويندو .
    احتجاج ڪندڙن حڪومت کي چتاء ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پريا ڪماري کي جلد بازياب نه ڪرايو ويو ته هو ڏهين محرم کان پوءِ باقائده هڪ تحريڪ شروع ڪندا جيڪا پريا ڪماري جي بازيابي تائين جاري رهندي

КОМЕНТАРІ • 3