ڊيري ڪيٽل فارمرز ايسوسيئيشنن نئين مالي سال ۾ لاڳو ٽيڪسن کي رد ڪري ڇڏيو

Поділитися
Вставка
  • Опубліковано 20 сер 2024
  • ڪراچي: ڊيري ڪيٽل فارمرز ايسوسيئيشنن نئين مالي سال ۾ لاڳو ٽيڪسن کي رد ڪري ڇڏيو، واپس وٺڻ جو مطالبو، ڪالھھ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڊيري ڪيٽل فارمز ايسوسيئيشن جو صدر شاڪر گجر ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو تھ ڊيري ايسوسيئيشن پاران پاڪستان جي موجوده ٽيڪس کي مسترد ڪيون ٿا، جيڪي ظالماڻه ٽيڪس گورنمينٽ پاران لاڳو ڪيا ويا آهن انهن جي ادائگي صارف ڪندو انڪري هي عوام لاءِ مسئلو آهي، ھنن چيو تھ انهن ٽيڪسن سان نه صرف ڊيري پر پولٽري جي پيداوار ۾ به گهٽتائي ايندي ۽ ملڪ ۾ بيروزگاري پيدا ٿيندي، انهن ٽيڪسن جي ڪري 3 سئو رپيا ڪلو کير جو اگهه ٿي سگهي ٿو، ھنن چيو تھ هي فوڊ سيڪيورٽي جو معاملو آهي، حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته تازو لڳايل ٽيڪس ختم ڪيا وڃن، جڏهن پيداوار مهانگي ٿيندي ته وڪرو به مهانگو ٿيندو، ھنن ٻڌايو تھ مهانگي پيداوار جي ڪري جعلي کير وڪرو ٿي رهيو آهي ملڪ ۾ کير جي کوٽ اڳي ئي آهي، ڊيري اينڊ ڪيٽل فارمز ايسوسيئيشن جو صدر شاڪر گجر چيو تھ حڪومت پاران جانورن جي کاڌي ۽ پولٽري فيڊ تي لڳايل ٽيڪسن سان پيداوار مهانگي ٿيندي، اسانجو مطالبو آهي ته اهي ٽيڪس ختم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ پنهنجا جانور روڊن تي آڻي پر امن احتجاج ڪنداسين، ڊيري اينڊ ڪيٽل فارمرز جي اڳواڻن چيو تھ سنڌ فوڊ اٿارٽي جو ڪم ڪٿي نظر نٿو اچي، پنجاب فوڊ اٿارٽي پاران ڪاروايون نظر اچن ٿيون. ھنن چيو تھ بجيٽ ۾ جيڪا ٽيڪس وڌايو ويو آھي ان ۾ ان پٽ ‘input’ ۾ 10 کان 13 سيڪڙو ۽ آئوٽ پٽ ‘output’ ۾ 18 سيڪڙو ٽيڪس وڌايو ويو آھي، شاڪر گجر جو چوڻھو تھ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان گوشت، مرغي ۽ کير جي اگھن ۾ اضافو ٿي ويندو، اسان ان ٽيڪس کي رد ڪريون ٿا، وڏو وزير ان ظالماڻي ٽيڪس کي ختم ڪري ڇو جو ان جو بار عام ماڻھو تي هوندو، ڊيري اينڊ ڪيٽل فارمرز جو چوڻ ھو تھ اسان ڪمشنر ڪراچي سان ڊسمبر 2024 تائين معاھومدو ڪيو ھو ان کانپوء ريٽ مھانگو ٿي ويندو، جانورن کي خوراڪ تي ٽيڪس لاڳو ڪري نئون مھانگائي جو طوفان اچڻ وارو آھي، مينھن ۽ ڳئون جي گوشت ۾ اضافو ٿيڻ وارو آھي، پاڪستان جو واپاري ٻاھرين ملڪن ڏانھن وڃي رهيو آھي، شاڪر گجر چيو تھ پاڪستان جي واپارين ٻاھران جانورن امپورٽ ڪيا آھن.اھي وڌيڪ پريشان آھن، ڪاروباري ماڻھو روزانو جي بنياد تي پريشان آھن، ھنن ٻڌايو تھ پولٽري ۽ ڊيري فارم روزانو ٽيڪس سبب نقصان ۾ آھي نتيجي ۾ روز مرھ جي شين ۾ اضافو ٿيندو، نئون ٽيڪس ڊيري ۽ فارمرز جي بقا جو مسئلو آھي، سڄي ملڪ ۾ لکين جانور مري رھيا آھن، ھنن چيو تھ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڪوئيٽا سميت سڄي ملڪ ۾ کير جي کوٽ ٿي وئي آھي، کير وارا چار ڪلاڪ دڪان کولي بند ڪري ڇڏين ٿا، ھنن وڌيڪ چيو تھ کير جي اگھن ۾ ڊمانڊ ۽ سپلاءِ مطابق فيصلو ڪيو ويندو.

КОМЕНТАРІ • 1