wricho
Вставка
- Опубліковано 29 жов 2024
- #هلو_تڪيا_پسون_تن_جا:
سانئِـيَـمِ! سَـدائِـيـن ڪَـرِيــن، مَـٿٖـي سِــنــڌُ سُـڪــارَ،
دوسَ! مِٺا دِلِـــدارَ! عالَـــمُ سَـــڀُ آبـــادُ ڪَـــرِيـــن.
(آمين)
شھرن بحرن، ٻيٽن ڪيٽين، وستين واهڻن ۽ جهر جنگهن ۾ جٿي جٿي بہ توهان ويا هوندوَ اوطاقن اوتارن، محفلن ميڙاڪن ۾ ڪنھن نہ ڪنھن موضوع تي سنڌ جي خيرخواه شاعرن جي سرتاج حضرت شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جا قول ۽ ڪلام ڪچھرين ۾ ذڪر ٿيندي ٻُڌا هوندوَ.
شاعرن جي سرتاج جو ڪلام جيئن درد وند دلين جي دوا آهي تيئن، عاقلن لاء عقل جي چاٻي آھي. سائين جو ڪلام عقيدت مندن لاء آب حيات آهي فقيرن لاء سئين واٽ ڏسيندڙ نقشو آھي. البت سائين جي ڪلام ۾ سي سڀ ئي خوبيون آھن جيڪي ڪنھن وڏي شاعر جي ڪلام ۾ هونديون آھن.
درگاهہ تي ڳائيندڙ راڳائي فقيرن کا سواء ڪلاسڪل توڙي سدارنگي ڳائيندڙ جهونا فنڪار لطيف سائين جا بيت ۽ وايون ڳائيندا رهيا آھن. منھنجي سانڀر ۾ استاد منظور علي خان، استاد مٺو ڪڇي، قاسم مڱڻھار، محمد جمن، محمد ابراهيم، هاشم ڪڇي حيدر کوسو، ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن لطيف سائين جي ڪلام کي خوب ڳائي داد حاصل ڪيو.
ويڙيچو فقير بہ انھن فنڪارن مجهان هڪ آھي جيڪو ڪڇي گهراڻي سان گڏ محفلن ۾ ڳائيندو هو - اڄ هن سلسلي ۾ کيس شامل ڪندي سندس زباني سر سورٺ ٻُڌون ٿا:
فنڪار = ويڙيچو - سر = سورٺ ؟؟
گروپ: ✿ ڀـٽ جـو ڀـٽـائـي ✿ Bhit Jo Bhitai
#latifyat #sindhi #bhitai #هلو_تڪيا_پسون_تن_جا #poetry #sindh