ڪراچي ۾ خدا بخش درس جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

Поділитися
Вставка
  • Опубліковано 20 сер 2024
  • ڪراچي: ڪراچي ۾ سانگھڙ ۾ 10 ڏينھن اڳ اڳوڻي تعلقي ناظم خدا بخش درس جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو، ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھري جي اڳواڻي ڪراچي بار ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي وڪيلن عامر نواز وڙائچ، محمد فھيم ضياء، بريسٽر سرفراز ميتلو، بريسٽر غلام محمد درس، وڪيل ڪليم درس، انور درس ۽ ٻين ڪئي، احتجاج ڪندڙن پاران ضلعي چيئرمين سانگھڙ ۽ ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ايس ايڇ او کاھي کي عهدن تان ھٽائڻ جو مطالبو، احتجاج ڪندڙن چيو ته 10 ڏينھن اڳ سانگھڙ جي کپرو جي ڳوٺ حمزو خان درس ۾ اڳوڻي تعلقي ناظم خدا بخش درس کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪيو پر جوابدارن علي حسن مري، ڪنڊو مري ۽ ٻين کي گرفتار نٿي ڪري.احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته جوابدار بااثرن جي پٺڀرائي سبب آزاد گھمي رھيا آھن، احتجاجي مظاھري ۾ شرڪت ڪندڙن چيو تـ بااثر سانگھڙ جي ضلع چيئرمين رياض شاھ کي فوري عھدي تان ھٽايو وڃي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قاتلن جي ساٿاري بڻيل ايس ايس پي سانگھڙ ۽ ايس ايڇ او کپرو ۽ کاھي کي جلد ھٽائي جي آئي ٽي جوڙي واقعي جي جاچ ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي،احتجاج ڪندڙن چتاء ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

КОМЕНТАРІ • 1